حڪمران ڄام مير خان ثاني

حڪمران ڄام مير خان ثاني

ڄام مير خان ثاني

ڄام مير خان ثاني: لس ٻيلي جو حڪمران خان ثاني'>ڄام مير خان ثاني 1830ع ڌاري حاڪم ٿيو. سندس والده نور بيبي مير مراد علي ايلتزئي جي ڌيءَ هئي. هن کي قلات جي خان مير محراب خان پنهنجي نياڻي بيبي الله ڏنيءَ جو سڱ ڏنو. ڄام مير خان پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ لسٻيلي جي قبيلي شاهي زئي مينگل جي سردار نورالدين جي ڀيڻ بيبي عائشه سان شادي ڪئي، جنهن جي پيٽان کيس ڄام عالي خان (ثالث) نالي پٽ ٿيو. ڄام مير خان هڪ بلند حوصلي ۽ همت وارو حڪمران هو. هن لسٻيلي جو اعليٰ انتظام رکيو. ڪافي عرصي تائين حڪومت جون واڳون سنڀاليائين، عوام سان انصاف ڪيائين ۽ دين جي خدمت ڪيائين. 1283هه/1866ع ڌاري لسٻيلي ۾ مسجد جوڙايائين. قلات جي خان خدا داد خان ۽ ڄام مير خان جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تي رنجشون پيدا ٿي پيون. انگريزن پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ ان موقعي مان فائدو ورتو ۽ پنهنجي سازش کي ڪامياب بنائڻ لاءِ خان خــداداد خـان کي ويتر ڄام مير خـان جـي خلاف ڀڙڪايائون. نتيجي طـور خان ثاني'>ڄام مير خان ثاني به پنهنجا ماڻهو وٺي قلات جي خان خداداد سان فيصلا ڪن مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو. پر پهريدارن وڃي خداداد خان کي سجاڳ ڪيو. خان به پنهنجو لشڪر تيار ڪري ورتو، صبح جو جڏهن ڄام جو لشڪر آڏو آيو، تڏهن سندس لشڪر ڄام جي لشڪر تي توب زني ڪئي. منجهند تائين اها جنگ هلندي رهي، آخر ۾ سرخان جا سادات اچي وچ ۾ پيا ۽ ڄام مير خان موٽي آيو، پر ڄام مير خان جي دل مان ڪٽر نه ويو، جنهنڪري هن وري خداداد خان تي ڪاهيو. اها جنگ خضدار ۾ لڳي، جنهن ۾ ڄام کي شڪست آئي. خان خداداد خان، ڄام مير خان کي لسٻيلي مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ غلام جان کي قلات طرفان لس ٻيلي جو حاڪم مقرر ڪـيو. ڄـام مير خان ۽ سندس خاندان ڪراچيءَ پهتو ۽ انگريزن ڄام کـي قـيــد ڪـري ڪلڪـتي ۽ پـونـي اماڻيو. سـندس پٽ ڄام عالي خان ۽ سـردار نورالدين جي ڀاءُ مير ابراهيم خان اچي ڪراچيءَ ۾ پناهه ورتي، جتي ڪمشنر سر وليم ميري ويدر کيس نظربند ڪري حيدرآباد موڪليو، جتان ڪجهه وقت بعد ڄام عالي خان ۽ ابراهيم خان ڀڄي اچي لسٻيلي پهتا ۽ سردار نور الدين سان گڏجي مير خداداد خان سان مقابلو جاري رکيائون. بعد ۾ انگريزن جي مداخلت تي ڄام مير خان پوني مان آزاد ٿي ڪراچي پهتو. پاڻ 1877ع ۾ لسٻيلي ۾ داخل ٿيو ۽ حڪومت جون واڳون ٻيهر پنهنجي هٿ ۾ ورتائين. ان ڪـري ڄـام ميـر خـان ۽ سـندس پٽ ڄـام عـالي خان ۾ اختلاف پيدا ٿيا. مير خان جنوري 1888ع ۾ وفات ڪئي. هڪ سال جي وقفي کان پوءِ سندس پٽ ڄام عالي خان ٽيون، لسٻيلي جو حاڪم بنيو.


لفظ ڄام مير خان ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو